ايوان صدر ۾ اهم مقرري جو نوٽيفڪيشن جعلي قرار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايوان صدر 21هين گريڊ جي پرسنل سيڪريٽري جي عهدي تي مقرري جو نوٽيفڪيشن جعلي قرار ڏئي ڇڏيو.
ايوان صدر واضح ڪيو آهي ته ايوان صدر ۾ ڊاڪٽر سهيل انجم جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جعلي آهي ۽ ايوان صدر ۾ 21هين گريڊ ۾ پرنسل سيڪريٽري جو ڪو عهدو موجود ناهي.
ترجمان چيو ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ڊاڪٽر سيال انجم نالي ڪنهن شخص جي مقرري ناهي ڪئي، جعلي نوٽيفڪيشن جي جاچ لاءِ معاملو ايف آءِ اي موڪليو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.