ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب شهر جي رجسٽرڊ قبرستانن ۾ تدفين لاءِ سرڪاري اگهه مقرر ڪري ڇڏيا.
ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته رجسٽرڊ قبرستانن ۾ تدفين لاءِ 14 هزار 300 رپيا اگهه مقرر ڪري ڇڏيو آهي ، رجسٽرڊ قبرستانن ۾ مقرر اگهه جا بينرز پڻ لڳائي ڇڏيا آهن.
سندس چوڻ هو ته قبرستانن ۾ ڪم ڪرڻ وارن کي مقرر اگهه موجب ڪم ڪرڻ جو پابند ڪيو آهي، جيڪڏهن ڪنهن مقرر اگهه کان وڌيڪ رقم ورتي ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
هن چيو تهشهري قبرستان ۾ تدفين لاءِ مقرر 14 هزار 300 رپين کان وڌيڪ ادا نه ڪن، وڌيڪ رقم وٺڻ وارن خلاف 1339 تي شڪايت ڪئي وڃي.
هن وڌيڪ چيوته قبرون مسمار ڪرڻ واري مافيا خلاف پڻ فيصلائتي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي، ڪنهن کي به ڪي ايم سي جي رجسٽريشن بنا قبرستان ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت نه آهي.
You might also like