ايس اينڊ پي گلوبل مارڪيٽ انٽيليجنس موجب 4 پاڪستاني بينڪون خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ اسٽاڪ گروٿ ڏيکاريندڙ بينڪن ۾ شامل آهن.
ايس اينڊ پي گلوبل مارڪيٽ انٽيليجنس علائقائي بينڪن جي ڪارڪردگي تي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته 4 پاڪستاني بينڪون خطي جي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ 10 ٽاپ بينڪن ۾ شامل آهن.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 4 پاڪستاني بينڪن اي پي اي ايس ۾ سڀ کان وڌيڪ اسٽاڪ گروٿ ڏيکاري، جڏهن ته پاڪستان ٽاپ 15 مان 6 پوزيشنز حاصل ڪيون.
رپورٽ موجب يونائيٽيڊ بينڪ خطي جي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ بينڪ اسٽاڪس جي درجابندي ۾ ٻئي نمبر تي رهي، ان کانسواءِ ٽاپ 10 ۾ ٻيون 3 پاڪستاني بينڪون نيشنل بينڪ آف پاڪستان، بينڪ الفلاح لميٽيڊ ۽ بينڪ آف پنجاب به شامل آهن.
You might also like