صيهوني حڪومت پاران ”گريٽر اسرائيل“ جو نقشو جاري، عرب ملڪن جي مذمت

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي صيهوني حڪومت گريٽر اسرائيل جو نقشو جاري ڪري ڇڏيو.
اسرائيلي حڪومت طرفان جاري ڪيل نقشي ۾ والاريل فلسطيني علائقن کانسواءِ اردن، شام لبنان ۽ ٻين عرب ملڪن کي اسرائيل جو حصو ڄاڻايو ويو .
فلسطين، سعودي عرب، قطر، اردن، گڏيل عرب امارات اسرائيل جي جڙتو تاريخي صيهوني رياست تڪراري نقشي جي مذمت ڪئي آهي.
سعودي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته اهڙا بي بنياد ۽ انتهاپسندن قدم اسرائيلي اختيارين جي غاصباڻن ارادن کي ظاهر ڪن ٿا.
سعودي پرڏيهي وزارت موجب، اهڙا قدم قبضي کي مستحڪم ڪرڻ، رياستن جي خودمختياري تي حملي ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي جي ارادن کي ظاهر ڪن ٿا، عالمي برادري خطي جي ملڪن ۽ عوام تي جاري اسرائيلي ڀڃڪڙين کي روڪڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري.
قطري پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيل جو اِهو قدم ٻين ملڪن جي خودمختياري جي سنگين ڀڃڪڙي آهي.
اسرائيل ڪهڙي دعويٰ ڪئي آهي؟
اسرائيل جي سرڪاري سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان شئير ڪيل نقشي سان گڏ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اسرائيل اٽڪل ٽي هزار سال اڳ قائم ٿيو، جنهن جي شروعاتي ٽن بادشاهن ۾ شائوول، شاهه دائود ۽ شاهه سليمان شامل هئا جن مجموعي طور تي هڪ سئو ويهه ورهين تائين حڪمراني ڪئي، سندن دور ۾ يهودي ثقافت، مذهت ۽ معيشت ترقي ڪئي.
پوسٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي931 قبل مسيح ۾شاهه سليمان جي وفات کانپوءِ اندروني تڪرار ۽ ڳرن ٽيڪسن سبب ملڪ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.