چاڊ: صدارتي محل تي هٿياربندن جو حملو، 19 ڄڻا مارجي ويا

انجامينا ( ويب ڊيسڪ ) اتر آفريڪي ملڪ چاڊ جي صدارتي محل تي هٿياربندن حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 18 حملي آورن سميت 19 ڄڻا مارجي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، راڄڌاني انجامينا ۾ اربع ڏينهن صدارتي محل تي هٿياربندن حملو ڪيو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، انجامينا ۾ فائرنگ جا آواز ٻڌا ويا ۽ روڊن تي ٽينڪ پڻ ڏٺا ويا جڏهن ته سڪيورٽي ذريعن اطلاع ڏني ته هٿياربندن صدارتي محل جي ڪمپليڪس تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
چاڊ جي سڪيورٽي ذريعن موجب، مقامي وقت موجب اٽڪل رات جو پوڻي اٺين وڳي عمارت اندر هٿياربندن فائرنگ ڪئي پر صدارتي محل جي سڪيورٽي اهلڪارن کي قابو ڪري ورتو.
چاڊ جي حڪومت تصديق ڪئي آهي ته حملي جي نتيجي ۾ جوابي ڪارروائي ۾ 18 حملي آور ۽ هڪ سڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا.
حڪومتي ترجمان ٻڌايو ته 18 حملي آور ماريا ويا جڏهن ته 6 حملي آور ۽ 3 سيڪورٽي اهلڪار زخمي ٿي پيا، زخمي سڪيورٽي اهلڪارن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.