ڪراچي/حيدرآباد (رپورٽر) مولانا اسدالله ڀٽو جي قيادت ۾ جماعت اسلامي وفد جي قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو سان قاسم آباد ۾ ملاقات ڪري کيس جماعت اسلامي طرفان 12جنوري تي سکر ۾ بدامني ڌاڙيل راڄ خاتمي لاءِ ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ٻنھي اڳواڻڻ سنڌ جي سياسي صورتحال تي ڳالھ ٻولھ ڪندي پاڻي تي ڌاڙي توڙي زمينون ڪمپني حوالي ڪرڻ سميت سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن کي ناڪام بنائڻ لاءِ سنڌ دوست ڌرين کي گڏيل جدوجهد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. سنڌ جو اڳوڻو امير محمد حسين محنتي، عبدالوحيد قريشي، حافظ طاھر مجيد، مجاھد چنا، حنيف شيخ، سفيان ناصر پڻ موجود ھئا،ايازلطيف پليجو چيو ته جماعت اسلامي جي اي پي سي ۽ امن لاءِ ڪوششون سٺو سنوڻ آهي، ان موقعي تي پارٽي اڳواڻ الطاف خاصخيلي ، شوڪت تنيو ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا،مولانا اسدالله ڀٽو جو چوڻ ھو ته گذريل 16سالن کا سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت آھي پر تنھن باوجود سنڌ جا حال ھيڻان ۽ سور ٻيڻا ٿيندا پيا وڃن.