راولپنڊي (م ڊ) تحريڪ انصاف باني عمران خان جي وڪيل فيصل چوڌري چيو آهي ته عمران خان عرب ملڪن بابت پروپيگنڊا وارن سوشل ميڊيا اڪائونٽن جي مذمت ڪندي انهن کان لاتعلقي جو اعلان ڪيو آهي. صحافين سان ڳالهائيندي فيصل چوڌري چيو ته عمران خان پروپيگنڊا اڪائونٽن بابت اهم هدايتون جاري ڪيون آهن، هن بشريٰ بي بي، شهيدن بابت پروپيگنڊا وارن اڪائونٽن جي مذمت ڪئي، جڏهن ته عرب ملڪن بابت پروپيگنڊا وارن سوشل ميڊيا اڪائونٽن جي به مذمت ڪئي ۽ چيو ته انهن اڪائونٽن سان پي ٽي آءِ جو ڪو واسطو ناهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل چوڌري چيو ته رابطا ڪميٽي جي باني سان ملاقات نه ڪرڻ ڳالهين کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش آهي . سوشل ميڊيا اڪائونٽس جي پروپيگنڊا جي مذمت ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ جو انهن اڪائونٽس سان ڪو به تعلق ناهي.