برطانيا جي گهٽين ۾ پراسرار ڪيلن شهرين کي پريشان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب انگلينڊ جي ناٽنگهم جي هڪ علائقي ۾ ماڻهو اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته روڊ ڪناري پليٽن ۾ ڪيلا ڪير رکي ٿو وڃي.
برطانوي شهرين موجب هر مهيني اهو لقاءُ ڏسندا آهيون پر ائين ڪير ٿو ڪري، اڄ تائين خبر ناهي پئي.
بيسٽن ۾ ماڻهن ڏٺو ته هڪ سال اڳ ايبي روڊ ۽ وينسر اوينيو جي چوڪ تي هڪ چرچر ڀرسان گهٽي جي ڪنڊ ۾ ڪيلن سان ڀريل پليٽون نظر آيون.
هڪ مقامي رهواسي اندازو لڳايو ته ڪيلي جون پليٽون هر مهيني جي ٻي تاريخ تي نظر اينديون آهن.
رهواسين درخواست ڪندي چيو آهي ته جيڪو به ائين ڪري رهيو آهي مهرباني ڪري ان کي روڪيو، ڇو ته اهي ڪيلا شهرين جي پريشاني جو سبب بڻجي رهيا آهن.
علائقي جي ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته ٿي سگهي ٿو ڪير جانورن لاءِ ڪيلا رکندو هجي يا وري ڪنهن مذهبي شخص جو ڪم هجي، ڇو ته ڪيلا چرچ جي ڀرسان پيا هوندا آهن.
Next Post
You might also like