ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملير ايڪسپريس وي جو 9 ڪلو ميٽرن جو پهريون فيز مڪمل ٿيڻ تي ان کي ذوالفقار علي ڀٽو جي نالي سان منسوب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ڪراچي ۾ ملير ايڪسپريس وي جو 9 ڪلو ميٽرن جو پهريون فيز مڪمل ٿي ويو، بلاول ڀٽو زرداري 11 جنوري تي افتتاح ڪندو.
ان حوالي سان مرتضيٰ وهاب چيو ته ملير ايڪسپريس وي کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ايڪسپريس وي جو نالو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان ايڪسپريس وي تي هيوي ٽريفڪ ۽ عام ٽريفڪ جي اجازت هوندي پر موٽر سائيڪل ۽ رڪشا کي اجازت نه هوندي.
هن چيو ته ملير ايڪسپريس وي قيوم آباد چورنگي کان شاهه فيصل ڪالوني انٽر چينج تائين کوليو ويندو.
Next Post
You might also like