عمران خان ملاقات ڪرائڻ منهنجو مينڊيٽ آهي نه ذميواري: اياز صادق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪرائڻ نه منهنجو مينڊيٽ آهي ۽ نه ئي منهنجي ذميواري.
پي ٽي آءِ اڳواڻن جي بيانن تي افسوس جو اظهار ڪندي اياز صادق چيو ته ملاقات نه ٿيڻ تي مون تي هروڀرو تنقيد ڪئي پئي وڃي، واضح ٿو ڪيان ته منهنجو ڪم حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ سهولتڪاري جو آهي.
هن چيو ته عمران خان سان ملاقات ڪرائڻ نه منهنجو مينڊيٽ آهي ۽ نه ذميواري، اهڙا بيان ڏيڻ ته اسپيڪر آفيس مان رابطي تي هاڪاري جواب نه آيو افسوسناڪ آهي.
سندس چوڻ هو ته منهنجا در سڀني لاءِ هر وقت کليل آهن، ڪڏهن ڪنهن قومي اسيمبلي ميمبر سان ملاقات کان انڪار نه ڪيو، سڀ رڪارڊ تي آهي.
اياز صادق چيو ته جيڪڏهن اهي چاهين ٿا مان ڳالهين جي عمل مان نڪري وڃان ته تجويز تي غور لاءِ تيار آهيان، مان پارليامينٽ جي بالادستي، جمهوري روايتن جي پاسداري ڪندي سهولتڪاري جي ڀرپور ڪوشش ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.