اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ڪراچي کان سکر موٽر وي جي تعمير شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ موٽر وي جي تعمير شروع ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي.
عليم خان چيو ته موٽر وي جو ڪم 2025 ۾ ئي جلد کان جلد شروع ڪنداسين، سنڌ حڪومت کي موٽر وي جي تعمير ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏينداسين.
هن چيو ته موٽر وي جي شروعات ڪراچي پورٽ کان ٿيندي، جڏهن ته سکر کي موٽر وي سان جوڙيو ويندو، ملڪ ۾ نارٿ ۽ سائوٿ موٽر وي جو نيٽ ورڪ مڪمل ٿي ويندو.
سندس چوڻ هو ته ملڪي ترقي ۾ ڪراچي سکر موٽر وي سنگ ميل ثابت ٿيندو، پراجيڪٽ کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ طور شروع ڪري سگهجي ٿو، پارٽنرشپ نه ٿي ته حڪومت پاڻ موٽر جو خرچ کڻندي.