اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ڪراچي کان سکر موٽر وي جي تعمير شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ موٽر وي جي تعمير شروع ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي.
عليم خان چيو ته موٽر وي جو ڪم 2025 ۾ ئي جلد کان جلد شروع ڪنداسين، سنڌ حڪومت کي موٽر وي جي تعمير ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏينداسين.
هن چيو ته موٽر وي جي شروعات ڪراچي پورٽ کان ٿيندي، جڏهن ته سکر کي موٽر وي سان جوڙيو ويندو، ملڪ ۾ نارٿ ۽ سائوٿ موٽر وي جو نيٽ ورڪ مڪمل ٿي ويندو.
سندس چوڻ هو ته ملڪي ترقي ۾ ڪراچي سکر موٽر وي سنگ ميل ثابت ٿيندو، پراجيڪٽ کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ طور شروع ڪري سگهجي ٿو، پارٽنرشپ نه ٿي ته حڪومت پاڻ موٽر جو خرچ کڻندي.
You might also like