راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني عمران خان جي وڪيل فيصل چوڌري چيو آهي ته عمران خان عرب ملڪن بابت پروپيگنڊا وارن سوشل ميڊيا اڪائونٽن جي مذمت ڪندي انهن کان لاتعلقي جو اعلان ڪيو آهي.
صحافين سان ڳالهائيندي فيصل چوڌري چيو ته عمران خان پروپيگنڊا اڪائونٽن بابت اهم هدايتون جاري ڪيون آهن، هن بشريٰ بي بي، شهيدن بابت پروپيگنڊا وارن اڪائونٽن جي مذمت ڪئي، جڏهن ته عرب ملڪن بابت پروپيگنڊا وارن سوشل ميڊيا اڪائونٽن جي به مذمت ڪئي ۽ چيو ته انهن اڪائونٽن سان پي ٽي آءِ جو ڪو واسطو ناهي.
You might also like