ڪراچي جي ڄام صادق پُل کي ٽوڙڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڄام صادق پُل واري هنڌ نئين پل تعمير ٿيندي ۽ پراڻي پل کي ٽوڙيو ويندو.
ڪراچي ۾ ڪورنگي ڪاز وي جي دوري تي صحافين سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته ڪورنگي ڪاز وي جي تعمير جو ڪم جاري آهي، ملير ايڪسپريس وي جي پهرئين فيز جو 11 جنوري تي افتتاح ٿيندو، ان تي موٽر سائيڪل ۽ چنگچي رڪشا آڻڻ تي پابندي هوندي، ملير ايڪسپريس وي تي جيڪڏهن ٽريفڪ جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته ٽول سان گڏ ڏنڊ به ڏيڻو پوندو.
هن چيو پي ٽي آءِ چاهي ٿي ته ملڪ ۾ عدم استحڪام هجي، جنهن جو سڀ کان وڌيڪ نقصان پي ٽي آءِ کي ئي ٿيندو ۽ عمران خان اها ڳالهه نٿو سمجهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.