مارٽن گپٽل باظابطا طور عالمي ڪرڪيٽ کي الوداع چئي ڇڏيو

ڪرائسٽ چرچ (ويب ڊيسڪ ) ڪيوي اوپنر مارٽن گپٽل باظابطا طور تي عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ طرفان جاري ڪيل بيان مارٽن گپٽل چيو ته ” هڪ نوجوان طور تي هميشه کان نيوزيلينڊ جي نمائندگي ڪرڻ خواب رهيو، پنهنجي ملڪ لاءِ 367 ميچون کيڏڻ تي تمام گهڻي خوشي ۽ فخر آهي. “
هن چيو ته ” مان سدائين انهن املهه ڏينهن ساراهيندس جيڪي مون عظيم ڪيوي رانديگرن سان گڏ گذاريا.“
مارٽن ساٿي ڪرڪيٽرن ۽ ڪوچنگ اسٽاف جو ٿورا شڪريو ادا ڪندي چيو ته هو خاص طور تي مارڪ اوڊنل جو ٿورائتو آهي جنهن هن کي انڊر 19 سطح کان ڪوچ ڪيو ۽ ڪيريئر دوران مسلسل حمايت ڪئي.
هن چيو ته ” مان پنهنجي گهرواري لورا ۽ ٻارن جو پڻ ٿورائتو آهيان، جن سدائين ساٿ ڏنو، لورا منهنجي سڀ کان وڏي طاقت ۽ صلاحڪار رهي.“
هن وڌيڪ چيو ته ” مان نيوزيلينڊ ۽ سڄي دنيا جي ڪرڪيٽ مداحن جو ٿورائتو رهندس جن ڪيئي ورهين تائين مون کي سپورٽ ڪيو. “
مارٽن گپٽل نيوزيلينڊ لاءِ 198 ون ڊي ميچن ۾ 7346، 122 ٽي ٽوئنٽي مقابلن ۾ 3531 ۽ 47 ٽيسٽ ۾ 2586 رنسون ٺاهيون.
واضح رهي ته 38 ورهين جي ڪيوي ڪرڪيٽر آخري ڀيرو قومي ٽيم جي نمائندگي آڪٽوبر 2022ع ڪئي هئي، هو ليگ ڪرڪيٽ جاري رکندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.