اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هڪ ڀيرو ٻيهر وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، رپورٽ موجب ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار بلاول ڀٽو سان ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ گهرو وزير محسن نقوي به موجود هو، ايوان صدر جي ذريعن موجب ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار بلاول ڀٽو کي وزيراعظم شهباز شريف جي پيغام کان آگاهه ڪيو، ملاقات دوران پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪندي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو، ذريعن موجب ملاقات ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ نائب وزيراعظم وچ ۾ پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ لکيل معاهدن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته بلاول ڀٽو زرداري شڪايت ڪئي ته پارٽي اڳواڻن کي حڪومتي فيصلن ۾ اعتماد ۾ نه وٺڻ ۽ مشاورت نه ڪرڻ تي مٿس پارٽي اڳواڻن جو دٻاءُ آهي.