لاڙڪاڻو( رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) جي ڊي اي اڳواڻ اڳوڻي ايم پي اي معظم علي عباسي، جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سان گڏجي ڪوٽ داراب عباسي تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته بدقسمتي سان لاڙڪاڻي ۾ جيڪو واقعو پيش آيو عبدالاحد 6 ڏينهن اڳ پاڻمرادو پوليس وٽ پيش ٿيو جنهن جي گرفتاري اڃان تائين ظاهر ناهي ڪئي وئي ۽ ان کان من پسند بيان ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته 2024ع جي عام چونڊن کان اڳ منهنجي تڪ ۾ تبديلي ڪيون ويون جيڪي چونڊون پوليس، روينيو ۽ ماسترن جون چونڊون هيون ۽ عام چونڊن کان پوءِ لاڙڪاڻي ۾ جيڪو واقعو پيش آيو جنهن معاملي جون ڳالهيون 20 تاريخ تي رکيل آهن، ان فيصلي جو پسمنظر به عام چونڊون آهن. هن چيو ته اڳوڻي وزير چيو آهي ته فيصلي کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڪا به صداقت ناهي، اسين چاهيون ٿا ته 20 تاريخ تي فيصلو ٿئي. هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ پيش آيل واقعو سياسي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش آهي، هن چيو ته عدالتن کي منهن ڏنو آهي ۽ اڳتي به منهن ڏينداسين ڪنهن کي ڏاڍ ڪرڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته سهيل انور سيال مون خلاف عام چونڊن توڙي ان کان پوءِ ڪافي ڪجهه ڳالهايو ۽ ڪيو آهي پر هو جيڪڏهن فائرنگ جي ڳالهه ڪري ٿو ته کيس ٻين معاملن جو به جواب ڏيڻو پوندو. مولانا راشد محمود سومرو چيو ته مان پاڪستان سطح جي سياست ڪندي 5 کان 6 ڏينهن کان هن مسئلي کي ڏسي رهيو آهيان، ائين لڳي پيو جيڪو واقعو ٿيو ان سان اهڙي نموني منهن ڏنو پيو وڃي ڄڻ هي مسئلو سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ، سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي ۽ ڌاڙيل ڪلچر کان به وڌيڪ مسئلو آهي. هن چيو ته سڄي سنڌ ۾ امن امان، اسپتالن ۽ اسڪولن جي صورتحال خراب آهي پر حڪمرانن جي ڪنن تي جونءِ نه ٿي چري. هن چيو ته مان واقعي چيو هو ته معظم علي عباسي کي گرفتار ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ اڄ به ان ڳالهه تي قائم آهيان ڇاڪاڻ هن شهر اڳ به لاش کنيا آهن پر ھاڻي ائين نه ٿيندو جنهن ڪري مون معظم علي عباسي کي ڳالهين جو چيو بعد ۾ مان پل جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ مان سهيل انور سيال جي رهائشگاهه تي وڃي کيس فون ڪئي ۽ چيو ته هن مسئلي کي ختم ڪيو جنهن چيو ته مون کي وقت ڏيو ساڳي ڳالهه طارق انور سيال به ڪئي هئي، هن چيو ته سهيل انور سيال طرفان هڪ ماڻهو کي معاملي ۾ ٽياڪڙي ڪرڻ بابت ويڊيو بيان جاري ڪيو جنهن ۾ ڪا به صداقت ناهي، اڄ مان سهيل انور سيال کي چوندس ته ڇا اسان جي خوشي غمي ۽ ڳالهه ٻولهه ختم آهي، ڇا هو سنڌ جي روايتن جي امين ناهي؟ توهان پنهنجي رواداري کي خراب ڪيو آهي ۽ اڄ ڏينهن تائين مان جواب جي انتظار ۾ آهيان. هن چيو ته سياست ڪيو شرافت ۽، روداري سان ڪيو ڏنڊي جي سياست نه هلندي.