رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ ڪجهه مهينا بچيا آهن ۽ هر سال مسلمان رمضان المبارڪ جي آمد جو بي صبري سان انتظار ڪندا آهن.
فلڪياتي ماهر رمضان ۽ عيدالفطر جي امڪاني تاريخن جي اڳڪٿي ڪندا آهن، هن ڀيري به فلڪياتي ماهرن طرفان رمضان ۽ شوال جي چنڊ جي حوالي سان اڳڪٿيون ڪيون ويون آهن.
فلڪياتي ماهرن موجب پاڪستان ۾ هلندڙ سال رمضان المبارڪ جو چنڊ 28 فيبروري (جمعو) يا وري پهرين مارچ (ڇنڇر) تي نظر اچڻ جو امڪان آهي، رمضان مهيني جي شروعات پهرين مارچ (ڇنڇر) يا ٻي مارچ (آچر) کان ٿيڻ جو امڪان آهي.
فلڪياتي ماهرن عيدالفطر جو چنڊ 29 مارچ (ڇنڇر) يا 30 مارچ (آچر) تي نظر اچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي، ائين پاڪستان ۾ عيد الفطر 30 مارچ (آچر) يا 31 مارچ (سومر) تي ملهائڻ جو امڪان آهي.
Prev Post
You might also like