قطر ايئرويز جون سڄي پاڪستان ۾ آفيسون بند

لاهور (ويب ڊيسڪ) قطر ايئرويز سڄي پاڪستان ۾ پنهنجون آفيسون بند ڪري ڇڏيون پر اڏامون شيڊيول موجب جاري رهنديون.
قطر ايئرويز خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ سڄي ملڪ ۾ پنهنجون آفيسون بند ڪري ڇڏيون پر اڏامن جو آپريشن جاري رهندو.
قطر ايئرويز جون آفيسون بند ٿيڻ سان ڪائونٽر سيل، ايڊمن، فنانس جا شعبا بند ٿي ويندا، قطر ايئرويز هاڻ ايجنٽس ذريعي ۽ آن لائن ٽڪيٽون وڪرو ڪندي.
اهڙي ريت قطر ايئرويز جي آفيسن مان سڌي ريت ٽڪيٽن جو وڪرو ختم ٿي ويندو، ان حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته انتظامي خرچ آفيسن جي بندش جو سبب بڻيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.