ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان قتل جي ڌمڪين کانپوءِ ممبئي ۾ پنهنجي گليڪسي اپارٽمينٽ جي بالڪوني ۾ بلٽ پروف شيشو لڳرائي ڇڏيو.
سلمان خان کي بشنوئي گينگ طرفان ڪيترائي ڀيرا قتل جون ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن، جنهن کانپوءِ ان جي سيڪيورٽي به وڌائي وئي آهي.
بالي ووڊ اسٽار دوست بابا صديقي جي قتل کانپوءِ سيڪيورٽي جا خاص انتظام کنيا آهن ۽ هن گهر جي بالڪوني کي به لڪائي ڇڏيو آهي.
رپورٽن موجب سلمان خان ڪنهن تهوار يا سالگرهه تي پنهنجي گهر ٻاهران گڏ ٿيندڙ مداحن جا بالڪوني ۾ بيهي ٿورا مڃيندو هو پر هاڻ هن ان بالڪوني تي به بلٽ پروف شيشو لڳرائي ڇڏيو آهي.
You might also like