اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته اسان ڳالهين جي ٻئي دور ۾ واضح چيو هو ته پارٽي جي باني چيئرمين عمران خان سان ملاقات ڪرائي وڃي، اسان ادارن جي غير موجودگي ۾ ملاقات جو مطالبو ڪيو هو.
پارٽي جي سينيئر اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عمر ايوب چيو ته اڄ تائين اسان کي حڪومت طرفان ڪا ڄاڻ ناهي ملي، 5 ڊسمبر تي عمران خان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي، اسان ادارن جي مداخلت برداشت نه ڪنداسين.
هن چيو ته هر هنڌ ادارن جي مداخلت موجود آهي، چاهيون ٿا ته 9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن تي جڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي، پي ٽي آءِ باني چيو ته جيڪي اذيتون مان برداشت ڪيون سڀني کي معاف ڪيو، ڳالهين جي ڪميٽي جي ٻئي سيشن ۾ ملاقات ڪرائڻ تي اتفاق ٿيو هو.
سندس چوڻ هو ته حڪومت جي ڳالهين ۾ سنجيدگي اسان جي ڳالهه مڃڻ سان ثابت ٿيندي، پي ٽي آءِ باني سان آزاداڻي ماحول ۾ ملاقات جو موقعو فراهم ڪيو وڃي.
عمر ايوب جو ڳالهين جي ڪاميابي لاءِ ادارن جي غير موجودگي ۾ عمران خان سان ملاقات جو مطالبو
You might also like