اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومتي دور ۾ بجلي جي قيمتن ۾ اضافي جا سڀ رڪارڊ ٽٽي وي، نگران حڪومت جي دور کي ملائي گذريل اڍائي سالن دوران مستقل سرچارج گڏائي بجلي جي في يونٽ ٽيرف ۾ واڌ 25 رپيا 76 پئسا ٺهي ٿي.
شهباز شريف جي وزيراعظم هوندي بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جا تفصيل سامهون اچي ويا.
شهباز شريف جي حڪومتي دور ۾ بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ في يونٽ 22 رپيا 53 پئسا تائين جي تاريخي واڌ ٿي، جڏهن ته بجلي واهپيدارن تي في يونٽ 3 رپيا 23 پئسا جو مستقل سرچارج الڳ لاڳو ڪيو ويو.
ائين مستقل سرچارج ملائي گذريل اڍائي سالن ۾ (جنهن ۾ نگران دور به شامل آهي) بجلي جي في يونٽ ٽيرف ۾ 25 رپيا 76 پئسا واڌ ٺهي ٿي، جيڪو پاڪستاني تاريخ ۾ بجلي ٽيرف ۾ ڪنهن به وزيراعظم جي دور ۾ سڀ کان وڌيڪ اضافو آهي.
بجلي واهپيدارن تي اڍائي سالن ۾ 2 هزار ارب رپين کان وڌيڪ جو اضافي بار وڌو ويو، جولاءِ کان آڪٽوبر 2022 تائين بجلي جي في يونٽ بنيادي ٽيرف ۾ 7.91 رپين تائين اضافو ڪيو ويو هو.
جولاءِ 2023 ۾ بجلي جي في يونٽ بنيادي ٽيرف ۾ 7.50 رپيا تائين اضافو ڪيو ويو، جڏهن ته جولاءِ 2023 ۾ في يونٽ 3.23 رپين جو مستقل سرچارج پڻ لاڳو ڪيو ويو.
جولاءِ 2024 ۾ بنيادي ٽيرف ۾ في يونٽ بجلي 7.12 رپيا تائين مهانگي ڪئي وئي، جڏهن ته ڪابينا جي منظوري سان بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ اضافو ۽ سرچارج لاڳو ڪيو ويو، واهپيدارن ٽن مهينن جي ۽ ماهوار ايڊجسٽمينٽ ۾ اضافي جو بار الڳ برداشت ڪيو.
You might also like