گڏاپ (رپورٽ: ممتاز شيخ) ڪراچي جي علائقي سپر ھائي وي ويجھو نورمحمد ڳوٺ تي ھڪ ڀيرو ٻيھر چڙھائي لاءِ پوليس جا وڏا اٽالا پھچي ويا. پوليس نورمحمد برفت ڳوٺ کي ڊاھڻ لاءِ پھتي ته سوين مرد عورتون ۽ ٻارڙا سخت ٿڌ ۾ پنھنجا اجھا بچائڻ لاءِ روڊن تي نڪري آيا. فائرنگ ۽ شيلنگ سبب علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو، ست کان وڌيڪ ڳوٺاڻن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو. سپر ھاءِ وي ڏانھن ايندڙ ويندڙ رستا بلاڪ، ھزارين ماڻھو ڦاسي پيا. ڳوٺاڻا پوليس ۽ بلڊر مافيا خلاف سخت نعريبازي ڪري احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا. ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي نور خان برفت الزام لڳايو ته عليڳڙھ بلڊر عدالت جو جواز ڏياريندي زبردستي اجھا مسمار ڪرڻ چاھي ٿو ھر مھيني ۾ پوليس ٽي کان چار ڀيرا چڙھائي ڪري پريشان ڪري ٿي. بلڊر جي چرچ تي اسان جا قديمي ڳوٺ ڊاھڻ جي سازش ڪئي وئي آھي، ٻي طرف پوليس چيو ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي حڪم تي غير قانوني قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آيا آھيون، ڪنھن به ڳوٺاڻي کي گرفتار ناھي ڪيو.