فاطمه ڦرڙو ڪيس ٻيهر سيشن ڪورٽ منتقل،والدين کي خدشا

خيرپور(رپورٽ مختيار ڦلپوٽو)راڻيپور جي پيراڻي حويليءَ ۾ تشدد بعد قتل ٿيل نينگري فاطمه ڦرڙو ڪيس وارو معاملو خيرپور جي دھشتگردي جي انت واري عدالت جي اسپيشل جج فاطمه ڦرڙو ڪيس کي ٻيھر سيشن ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو ڪيس جي ٻُڌڻي خيرپور جي دھشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ٿي ڪيس جا مُک جوابدار اسد شاھ فياض شاھ حنا شاھ ۽ امتياز ميراثي وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ٿيا جڏهن ته فريادي ڌر پاران سواء وڪيل جي ٻيس ڪوئي به پيش نه ٿيو جڏھن ته ٻُڌڻي دوران عدالت ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻُڌڻ بعد ڪيس کي ٻيھر سيشن ڪورٽ منتقل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو عدالت جو چوڻ ھيو ته هي ڪيس اي ٽي سي ڪورٽ جي دائري ۾ نه ٿو اچي انڪري سيشن ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪري رهيا آهيون ۽ فريادي ڌُر کي اهو به موقعو ڏنو سي ته ڪيس اي ٽي سي ۾ هلائڻ جي حوالي سان هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ٻئي پاسي  فاطمه جا والدين عدالت پھتا،نديم ڦرڙو ۽ ماءُ شبنم ڦرڙو عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي عدالتن تي پورو اعتماد آهي هي ساڳيو ئي جج آهي جنهن پھريان به ڪيس سيشن ڏانهن منتقل ڪيو ۽ هاڻي وري ٻيھر منتقل ڪيو آهي،هن تي ڪو دٻاءُ آهي ته الله ٿو ڄاڻي، ھنن چيو ته هاءِ ڪورٽ جو چيل آهي ته ڪيس اي ٽي سي ۾ هلندو ان جي باوجود جج ڪيس سيشن ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪيو آهي ھنن چيو ته پير مختلف ماڻھن کان ٺاھ لاءِ فونون پڻ ڪرائي رهيا آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.