سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي ۽ بدامني خلاف گڏيل جدوجهد تي اتفاق

ڪراچي/سڪرنڊ (رپورٽر+ن ع آ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي سربراهه سيد زين شاهه سان جماعت اسلاميءَ جي سينئر اڳواڻ اسدالله ڀٽو جي قيادت ۾ هڪ وفد ملاقات ڪئي. ان ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ملڪ ۽ سنڌ جي  سياسي صورتحال تي ڳالهايو ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ بدامني، سنڌوءَ  جي پاڻي تي ڌاڙي۽ زمينن جي بندر بانٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هنن سنڌ ۾ تسلسل سان قائم پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت جي ان عمل تي مجرماڻي ڪردار کي  سنڌ دشمني قرار ڏنو.ملاقات دوران سنڌ حڪومت پاران عمرڪوٽ ضلعي ۾ 14,800 ايڪڙ زمين ۽ ان جي استعمال لاءِ پاڻي ڪمپني سرڪار کي ڏيڻ جي سخت مذمت ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن سنڌ ۾ پاڻي تي ڌاڙي، بدامني، ڌاڙيل راڄ ۽ سنڌ جي حقن لاءِ گڏجي جمهوري ۽ پرامن جدوجهد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو،وفد ۾ جماعت اسلاميءَ جا اڳواڻ سابق صوبائي امير محمد حسين محنتي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مولانا عبدالقدوس احمداڻي، سيڪريٽري اطلاعت مجاهد چنا ۽ سيد رضا علي شامل هئا. ان کان علاوه، ايس يو پي جا اڳواڻ منير نائچ، منير حيدر شاهه ۽ خواجه نويد آمين پڻ ملاقات ۾ شريڪ ٿيا.سيد زين شاهه چيو ته ھن وقت سموري سنڌ بدامنيءَ جي باھ ۾ ٻري آهي خاص طور اتر سنڌ عملي طور ڌاڙيلن حوالي ڪئي وئي آھي سنڌو بچايو تحريڪ جي پليٽ فارم تان 11 جنوري تي حيدرآباد کان ميرپورخاص ۽ 12 جنوري تي ميرپورخاص کان عمرڪوٽ تائين پاڻي مٿان ڌاڙي ۽ سنڌو کان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف بيداري مارچ جو اعلان ڪيو ويو،اسد ڀٽو چيو ته ڇنڇر کان درياهه بچايو بيداري مارچ ۾ جماعت اسلامي ڀرپور شرڪت ڪندي. سنڌ کي سورن مان ڪڍڻ لاءِ ھر سنڌ دوست فرد کي پنھنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.