سکر ۾ پوليس جي گاڏي وڻ سان ٽڪرائجي وئي، 2 اهلڪار شهيد ۽ 5 زخمي

سکر(رپورٽ: آزاد مهر/ شفيع محمد ابڙو) سکر ۾ شڪي جوابدارن جو پيڇو ڪندي پوليس جي گاڏي سان حادثو، 2 اهلڪار شهيد ۽ 5 زخمي ٿيا پيا، سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد ۾ جعفر آباد لنڪ روڊ تي شڪي  جوابدارن جو پيڇو ڪندي پوليس جي موبائيل وڻ سان ٽڪرائجڻ بعد ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه پوليس اهلڪار اشفاق شيخ ۽ عامر شيخ شهيد ٿي ويا، جڏهن ته موبائيل ڊرائيور جاويد بروهي، سهراب آرادين، تسعود شاهاڻي، رحمان کوکر ۽ ڪاشف رند زخمي ٿي پيا، واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي شهيد اهلڪارن جا لاش ۽ زخمين کي رينجرس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ٻن زخمين ڪاشف رند ۽ سهراب آرادين کي آءِ سي يو ۾ منتقل ڪيو ويو، ذريعن موجب پوليس ڏوهارين جو پيڇو ڪري رهي هئي ته پوليس موبائل تيز رفتاري دوران وڻ سان ٽڪرائجڻ سبب حادثو پيش آيو آهي، جڏهن ته شڪي جوابدار فرار ٿي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.