اسٽار لنڪ شروع ڪرڻ لاءِ ايلون مسڪ منظوري جو منتظر

اسلام آباد(م ڊ) ٽيسلا ۽ اسپيس ايڪس جو مالڪ ايلون مسڪ پاڪستان ۾ اسٽار لنڪ سروسز شروع ڪرڻ لاءِ پاڪستاني حڪومت جي منظوري جو انتظار ڪري رهيو آهي. ايلون مسڪ جو چوڻ آهي ته اسان کي پاڪستان حڪومت جي منظوري جو  انتظار آهي، ان حوالي سان پي ٽي اي عملدارن جو چوڻ آهي ته حڪومت ۽ اسٽار لنڪ وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن، درخواست تي ڪم ابتدائي مرحلي ۾ آهي، سروس جي لائسنس لاءِ ٽيڪنيڪل گهرجن جو جائزو ورتو پيو وڃي، پي ٽي اي جي عملدارن چيو ته نيشنل اسپيس ايجنسي نيشنل اسپيس پاليسي تحت درخواست جو جائزو وٺي رهي آهي، لائسنس ڏيڻ کان اڳ ڪيترن ئي ٽيڪنيڪل پهلوئن جو جائزو وٺڻو پوندو، جنهن ۾ بينڊوڊٿ، اپ لنڪنگ، گيٽ ويز وغيره شامل آهن، اهو نوٽ ڪرڻ ضروري آهي. سڀني پرڏيهي سيٽلائيٽ سروس فراهم ڪندڙن لاءِ اهو ئي طريقيڪار آهي، اسپيس ايجنسي جي منظوري کان پوءِ، سروس جي فراهمي لاءِ ريگيوليٽري منظوري گهربل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.