قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو اڄ 97 هون جنم ڏينهن

ڪراچي (رپورٽر) قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو اڄ 97 هون جنم ڏينهن ملهايو پيو وڃي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي سالگرهه جي موقعي تي اڄ سنڌ سميت ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ پ پ جيالن پاران تقريبون ڪوٺايون پيون وڃن، پ سنڌ طرفان صوبي جي سڀني ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ شهيد ڀٽي جو جنم ڏهاڙو ملهائي کيس ڀيٽا ڪئي پئي وڃي، پ پ اڳواڻ ۽ ڪارڪن ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ مزار تي حاضري ڀريندا، سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڀيٽا  پيش ڪندي چيو آهي ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هڪ خوشحال، جمهوري ۽ آزاد پاڪستان جو تصور ڏنو جنهن پاڪستان کي پهريون متحد آئين ڏنو ۽ قومي دفاع ناقابل تسخير بڻائڻ لاءِ ايٽمي پروگرام شروع ڪيو، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري شهيد ڀٽو ۽ شهيد بي بي جي ورثي کي ثابت قدمي سان اڳتي وڌايو آهي، پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ قوم کي درپيش للڪارن کي منهن ڏئي رهي آهي، ياد رهي ته ملڪ کي 1973ع جو آئين ڏيندڙ ۽ ڀارت سان شمله معاهدو ڪري پائيدار امن جي بنياد رکندڙ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي 5 جنوري 1928ع ۾ سنڌو درياهه جي ساڄي ڪپ تي قائم لاڙڪاڻي شهر ۾ سر شاهنواز علي ڀٽي جي گهر ۾ اک کولي، پاڪستان مان بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ بعد ذوالفقار علي ڀٽي ڪيليفورنيا ۽ آڪسفورڊ مان اعليٰ تعليم ۽ قانون جي ڊگري حاصل ڪئي، ذوالفقار علي ڀٽو 1963ع دوران جنرل ايوب جي ڪابينا جو حصو بڻيو ۽ پرڏيهي وزارت حاصل ڪئي، 30نومبر 1967ع دوران ذوالفقار علي ڀٽي ترقي پسند دوستن سان پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد رکيو، سماجي انصاف، سوشل نظريي ۽ جمهوري منشور جي بنياد تي پيپلز پارٽي تمام گهڻي مقبوليت حاصل ڪئي، اٽي لٽي ۽ اجهي جو نعرو ڏيڻ تي ذوالفقار علي ڀٽي کي عوام شاندار موٽ ڏئي 1970ع جي چونڊن ۾ ڪامياب ڪيو، اقتدار سنڀالڻ بعد جلد ئي ملڪ ۾ سويلين مارشلا لڳي وئي، جنهن کانپوءِ ذوالفقار علي ڀٽو هڪ ڀيرو ٻيهر 1971ع کان 1973ع تائين پاڪستان جو صدر رهيو، ان وقت جي آرمي چيف جنرل ضياءُالحق مبينا سازش تحت چونڊيل حڪومت جو تخت اونڌو ڪري قتل جي الزام جو ڪيس هلايو ۽ 4 اپريل 1979ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي چاڙهائي ڇڏيو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.