لاڙڪاڻو/ڪراچي(عبدالوحيد ابڙو+م ڊ) لاڙڪاڻي جي ڊي اي اڳواڻ اڳوڻي ايم پي اي لاڙڪاڻو معظم علي عباسي سندس پٽ ۽ پٽ جي دوستن مٿان دهشگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرائڻ وارو معاملو. اڳوڻي صوبائي گهرو وزير ايم پي اي سهيل انور سيال واقعي بابت هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته مخالف پاڻ پريس ڪانفرنس ڪندي اعتراف ڪيو ته سندن جي گاڏي بغير نمبر پليٽ جي هئي هاڻي هو چون پيا ته اسان کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو آهي، مان پڇا ڪرڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن گاڏي رجسٽرڊ هئي ته واقعي وقت گاڏي کي نمبر پليٽ ڇو نه هئي؟ اسان الزام تراشي نه پر سي سي ٽي وي فوٽيجز ۽ ٻيا ثبوت هٿ ڪيا ۽ چاهيو پئي ته سڀاڻي ائين نه ٿئي جو ڪو چوي ته چوي ته ڄاڻي واڻي ڪنهن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو آهي، اهڙي واقعي کي مخالف پاڻ تسليم ڪيو آهي ته پوءِ ان وقت گاڏي کي نمبر پليٽ لڳل نه هئي ۽ اها ڪهڙي سازش هئي جو گاڏي کي نمبر پليٽ نه هئي ان جو ڪارڻ ڪهڙو هو؟. هن چيو ته مخالف ايس ايس پي آڏو به تسليم ڪيو ته گاڏي سندس جي آهي ۽ چيو ته هڪ قانوني رستو ۽ ٻيو هن ٽن امينن جا نالا ڏنا، هن چيو ته واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ ڪو گناهه ناهي، مان قانوني رستو اختيار ڪيو، اسان وٽ ثبوت آهن پر ان جي باوجود هو چوي پيو ته ساڻس زيادتي ٿي آهي. هن چيو ته رات جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو مون وٽ گهر اچي ويٺو ۽ چيو ته مون کي مان ڏئي ڳالهيون ڪيون جنهن تي مون کيس چيو ته اسان قانوني رستو اختيار ڪيو آهي، واقعي بابت سردار خان چانڊيو به رابطو ڪري چيو ته اسان ان معاملي وٽ توهان وٽ اچان ٿو هن معاملي کي حل ڪيو، اسان مطالبو ٿا ڪيو ڏوهه ۾ ملوث ماڻهن کي پوليس حوالي ڪيو وڃي ٻئي پاسي فنڪشنل ليگ اڳواڻ سردار عبدالرحيم معظم عباسي خلاف ايف آءِ آر جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته واقعي وقت معظم عباسي ۽ هن جو پٽ وليد ان جاءِ تي موجود ئي نه هئا،ڪيس ۾ سياسي انتقام طور دهشت گردي جي شق شامل ڪئي وئي،هن چيو ته جعلي ايف آءِ آر واپس نه ورتي وئي ته ان جا نتيجا سٺا نه نڪرندا،ايس يو پي سربراهه سيد زين شاهه به معظم عباسي تي ڪيس جي مذمت ڪندي چيو ته پ پ اپوزيشن اڳواڻن خلاف ڪريل حرڪتن تي لهي آئي آهي،ڪوڙي ايف آءِ آر سان اپوزيشن اڳواڻن خلاف انتقامي سياست عيان آهي،ٻئي پاسي جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو معظم عباسي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان اندر سياسي رواداري ختم ٿي رهي آهي،سيال هائوس تي حملي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي،هن چيو ته معظم عباسي کي گرفتار ٿيڻ نه ڏينداسين،معظم عباسي گرفتار ٿيو ته مان به هن سان گڏ گرفتاري ڏيندس،مان ايف آءِ آر جي سخت مذمت ڪريان ٿو، ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي ته معظم عباسي ۽ سندس پٽ گاڏي ۾ موجود هئا يا نه؟