اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) چين ۾تازن ڏينهن ۾ هيومن ميٽا پينو وائرس ( ايڇ ايم پي وي) وبا ڦهلڻ اطلاع مليا آهن، اهو وائرس 14 سالن ۽ ان کان ننڍي عمر جي ٻارن ۾ پکڙجي رهيو آهي، پر اهو واضح ناهي ته بيمار ٿيڻ وارن لاءِ اهو ڪيترو خطرو بڻجي سگهي ٿو.هاڻي هن وائرس بابت نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ اين آءِ ايڇ جو بيان سامهون آيو آهي، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ موجب چين ۾ پکڙجندڙ ايڇ ايم پي وائرس پاڪستان ۾ 2 ڏهاڪن کان موجود آهي، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ موجب چين ۾ پکڙجندڙ ايڇ ايم پي وائرس پاڪستان ۾ 2 ڏهاڪن کان موجود آهي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ايڇ ايم پي وي جي تشخيص 2001ع ۾ ٿي هئي، هئا بيان موجب اسلام آباد ۾ 2015 ۾ هن وائرس جا 21 ڪيس سامهون آيا.