بيجنگ (ويب ڊيس) چين ۾ سياري ۾ ساهه جون بيماريون عام طور تي وڌنديون آهن، پر تازين رپورٽن ۾ هيومن ميٽا پنيومو وائرس (ايڇ ايم پي وي) جا ڪيسز خطرناڪ حد تائين وڌيا آهن، خاص طور تي 14 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارڙن ۾ هن بيماري جي وڌيڪ نشاندهي ٿي آهي، ان سان گڏ ٻيا وائرس جهڙوڪ رائنو وائرس، انفلوئنزا اي ۽ مائڪوپلاسما پنيومونيا پڻ پکڙجي رهيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، هيومن ميٽا پنيومو وائرس هڪ آر اين اي وائرس آهي جيڪو ميٽا پنيومو وائرس جنس ۽ Pneumoviridae خاندان سان تعلق رکي ٿو، اِهو پهريون ڀيرو 2001ع ڊچ محققن دريافت ڪيو هو.
هي وائرس بنيادي طور تي انهن ڊراپ ليٽس ذريعي پکڙجي ٿو جيڪي کنگهڻ ۽ نِڇ ڏيڻ دوران خارج ٿين ٿيون. ان کان کانسواءِ متاثر ماڻهن سان ويجهي رابطي ذريعي پڻ منتقلي ٿي سگهي ٿي.
ايڇ ايم پي وي جون علامتون عام نزلي ۽ ڪووڊ-19 سان ملندڙ جلندڙ آهن، جن ۾ کنگهڻ، بخار ۽ نزلي جهڙا اثر شامل آهن.
هي وائرس ٻارن ۽ بزرگن کي وڌيڪ متاثر ڪري ٿو، جيئن ڪووڊ-19 دوران ڏٺو ويو هو،خاص طور تي 14 سالن کان گهٽ عمر وارا ٻار ان وائرس جو وڌيڪ شڪار ٿي رهيا آهن، ڇو جو ايڇ ايم پي وي لاءِ اڃا تائين ڪا ويڪسين دستياب ناهي، ان ڪري ماهر عوام کي ماسڪ پائڻ، هٿ ڌوئڻ ۽ هجوم کان بچڻ جي هدايت ڪري رهيا آهن.
چيني اختيارين خبردار ڪيو آهي ته مختلف ساهه جون بيماريون هڪ ئي وقت پکڙڻ سبب ملڪ جي صحت واري نظام تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي.
اختيارين موجب، ٻارن جي اسپتالن ۾ خاص طور تي نمونيا جا ڪيس وڌيا آهن، جن ۾ ڪيترائي شديد نوعيت جا آهن.
چين جي بيمارين تي ظابطو آڻڻ واري اٿارٽي هڪ خاص سسٽم متعارف ڪيو آهي جيئن ڪنهن نئين وبا جي خطري گهٽائي سگهجي.
چيني اختيارين موجب، سياري ۽ بهار جي موسم ساهه جون بيماريون پکڙڻ عام آهي، پر هن سال ڪيسز جو انگ ڳڻتي جوڳي حد تائين وڌي ويو آهي.
ڪجهه ماهرن جو چوڻ آهي ته لاڪ ڊائون دوران محدود سماجي رابطن ۽ پابندين سبب ماڻهو عام وائرسز کان محفوظ رهيا، پر هاڻي جڏهن سماجي زندگي معمول تي اچي چڪي آهي، وائرسز جي ٻيهر پکڙجڻ جو خدشو وڌي ويو آهي.
ماهر عوام کي محتاط رهڻ ۽ صحت جي اصولن تي عمل ڪرڻ جي صلاح ڏئي رهيا آهن جيئن وائرس جي پکڙڻ کي گهٽايو وڃي.
Next Post
You might also like