عليزا سلطان فيروز خان کي غير ذميوار پيءُ قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪار فيروز خان جي اڳوڻي گهرواري کيس غير ذميوار پيءُ قرار ڏئي ڇڏيو.
فيروز خان جي اڳوڻي گهرواري عليزا سلطان ويجهڙائي انسٽاگرام تي سوالن جوابن جو هڪ سيشن رکيو، جنهن ۾ هن مداحن جي سوالن جا جواب ڏنا.
هڪ سوال جي جواب ۾ عليزا سلطان جو چوڻ هو ته ٻارن سان سنگل مڌر ( اڪيلي ماءُ ) طور زندگي گذارڻ ڪڏهن به آسان ناهي خاص طور تي جڏهن اوهان جي ٻارن جو پيءُ هڪ غير ذميوار شخص هجي.
هن وڌيڪ چيو ته انهن سڀني ڏکيائين باوجود ماءُ طور هر ڪم ڪرڻو پوي ٿو، ڪڏهن ٻارن تي سختي ۽ دڙڪو دهمان ڪري يا ڪڏهن محبت ۽ شفقت سان.
هن چيو ته هر اها ماءُ جس لهڻي جن جا مڙس ڪم تي وڃن ٿا ۽ هو گهرن ۾ ٻارن جي پرورش ڪن ٿيون، اهي سڀ هيرو آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.