ممبئي (ويب ڊيسڪ) 3 ڪروڙ رپين جي بجيٽ ۾ ٺهندڙ ڀارتي فلم 136 ڪروڙ رپيا ڪمائي سڀني دنگ ڪري ڇڏيو.
2024 ڀارتي فلم انڊسٽريءَ لاءِ شاندار سال ربيو، جتي ٻن ڀارتي فلمن پشپا ٽو ۽ ڪلڪي عالمي باڪس آفيس تي هزار ڪروڙ ڀارتي رپين کان وڌيڪ جو ڪاروبار ڪيو.
پر سڀ کان وڌيڪ منافعو ڪمائيندڙ فلم جو اعزاز هڪ اهڙي فلم ماڻيو آهي جيڪا رڳو ٽن ڪروڙ رپين جي لاڳت ۾ ٺاهي وئي هئي.
فلم جي سڀ کان حيرت جوڳي ڳالهه اِها آهي ته ان ۾ ڪو به سپر اسٽار يا مشهور اداڪار شامل نه هو، مليالم روماني فلم ” پريمولو “ کي 2024ع جي سڀ کان وڌيڪ منافعي بخش ڀارتي فلم قرار ڏنو ويو آهي.
You might also like