نيلم منير مڙس سان گڏ تصويرون شيئر ڪري ڇڏيون

دبئي (ويب ڊيسڪ) ماڊل ۽ اداڪارا نيلم منير مهنديءَ جي تقريب جون ويڊيوز ۽ تصويرون شيئر ڪرڻ کان پوءِ هاڻ نڪاح جون تصويرون به شيئر ڪري ڇڏيون آهن.
نيلم منير هڪ ڏينهن اڳ ئي ڪراچي جي سياحتي هنڌن تي مهنديءَ جو فوٽو شوٽ شيئر ڪندي پنهنجي شادي جي تقريبن جي شروعات جي تصديق ڪئي هئي.
هاڻ هن نڪاح جون تصويرون شيئر ڪندي مداحن کان نئين زندگي جي شروعات تي دعا گهرڻ جي درخواست پڻ ڪئي.
نيلم منير طرفان 3 جنوري جي شام نڪاح جون تصويرون شيئر ڪيون ويون، پر هن نڪاح سميت شادي جي ٻين تقريبن جا جي تفصيلن بابت ڪجهه ناهي ٻڌايو.
اداڪارا طرفان شيئر ڪيل تصويرن ۾ هن کي عرب لباس ۾ ملبوس هڪ شخص سان روماني انداز ۾ ڏسي سگهجي ٿو
نيلم منير ۽ سندس جيون ساٿي گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي رياست دبئي جي مختلف هنڌن تي روماني انداز ۾ تصويرون ڪڍرايون آهن.
اداڪارا تصويرون شيئر ڪندي تصديق ڪئي ته هن نئين زندگي جي شروعات ڪئي آهي، گڏوگڏ هن مداحن کان دعا ۾ ياد رکڻ جي اپيل پڻ ڪئي.
اداڪارا طرفان عرب لباس ۾ مڙس جون تصويرون شيئر ڪرڻ کان پوءِ سندس مداح پريشان ٿي ويا ۽ هنن ڪمنٽس سيڪشن ۾ اداڪارا کان سندس جيون ساٿي سفر بابت سوال ڪيا.
نيلم منير پنهنجي شادي ۽ مڙس بابت ڪا ڄاڻ فراهم نه ڪئي، پر هن نڪاح جون تصويرون دبئي کان شيئر ڪيون.
اهو اڳي ئي چيو پيو وڃي ته نيلم منير دبئي ۾ شادي ڪري رهي آهي، پر سندس مڙس بابت اڃا تائين ڪا معلومات سامهون ناهي آئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.