اسلام آباد(زاهد گشڪوري)اڳوڻي آرمي چيف جنرل(ر)قمر جاويد باجوا جي ملاقاتن تي پابندي لڳائي وئي آهي،هو ماڻهن سان نه ملي رهيو آهي،ان پابندي جو تعلق جنرل(ر) فيض حميد جي ڪيس سان آهي يا ڪو ٻيو سبب آهي؟ يا هو پاڻ ماڻهن سان ملڻ نٿو چاهي؟باجوا ڪنهن سان ملڻ چاهي ته کيس فوجي اختيارين کان اجازت جي ضرورت پوندي آهي،ذريعن موجب ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي دوران جنرل فيض حميد فوجي اختيارين آڏو چيو آهي ته ان ڪيس ۾ جنرل باجوا جو بيان به رڪارڊ ٿيڻ گهرجي،اهو ڪيس هاڻي آخري مرحلن ۾ آهي ۽ فيض حميد جي قانوني ٽيم هر ان شخص کي جيڪو انهن جو اصيل چاهي ٿو ان کي گواهه طور پيش ڪرڻ چاهي ٿي ٻئي پاسي صحافي فخر دراني موجب هڪ خبر گردش ۾ آهي جنهن ۾ چيو پيو وڃي ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي ملاقاتن تي پابندي لڳائي وئي آهي. اهڙي قسم جون خبرون اڳ ۾ به سامهون آيون هيون جن ۾ اهو چيو ويو هو ته جنرل فيض حميد جيان، جنرل قمر جاويد باجوا جو به ڪورٽ مارشل ٿيڻ گهرجي. اهو مطالبو گهڻو ڪري پي ٽي آءِ حامي سياستدانن، سوشل ميڊيا واهپيدارن، ۽ صحافين طرفان ڪيو ويو. انهن ماڻهن جو خيال آهي ته فوج اڳوڻي آرمي چيف خلاف ڪورٽ مارشل نه ڪندي ۽ ان ڪري جنرل فيض حميد به بچي ويندو. ٻئي طرف چيو ويو هو ته جنرل قمر جاويد باجوا کي به شامل ڪري سگهجي ٿو. جڏهن جنرل قمر جاويد باجوا رٽائر ٿيو هو، تڏهن هن ڪجهه صحافين کي آف رڪارڊ انٽرويو ڏنا هئا. مارچ 2023 ۾ عاطف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي جنهن ۾ چيو ويو هو ته جنرل قمر جاويد باجوا آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، ۽ ان جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ايف آءِ اي کي هدايتون جاري ڪرڻ لاءِ درخواست ڪئي وئي هئي. نومبر 2023 ۾ عدالت ڌرين کي نوٽيس موڪليا هئا، پر ان بابت ڪا اڳڀرائي نه ٿي سگهي هئي. انهن انٽرويوز جي ڪري موجوده صورتحال ۾ اهو ٻڌايو پيو وڃي ته جنرل قمر جاويد باجوا جي ملاقاتن تي پابندي لڳائي وئي آهي، پر ذريعن موجب اهڙي ڪا پابندي ناهي لڳائي وئي ۽ نه ئي کيس ڪنهن جاءِ تي اچ وڃ کان روڪيو ويو آهي. هو هن وقت به شادي جي تقريبن ۾ شريڪ ٿي رهيو آهي.