ڪئنالن خلاف 11 جنوري کان حيدرآباد کان عمرڪوٽ تائين شعوري مارچ جو اعلان

ڄامشورو (رپورٽ: صدر الدين جوڻيجو) ڄامشورو ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو باڊي جو اجلاس ايس يو پي جي صدر ۽ درياهه بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاهه جي صدارت هيٺ جي ايم سيد ايڊيفس ٿي گذريو، اجلاس ۾ روشن علي ٻرڙو، امير آزاد پنهور، منير نائچ، جڳديش آهوجا، رمضان ٻرڙو، انعام  ڀٽي، خواجا نويد، مختيار ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي اجلاس ۾ سنڌو درياھ مان ڇھن نون ڪئنالن جي تعمير خلاف سنڌو درياھ بچايو تحريڪ جي مستقبل جي حڪمت عملي جوڙڻ، سنڌ ۽ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال جو جائزو وٺڻ سان گڏ سن ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جي تقريب بابت ويچاريو ويو، اجلاس کانپوءِ سيد زين شاهه  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 8 جولاءِ تي صدارتي محل ۾ سنڌو درياهه تي ڪئنالن جي تعمير بابت فيصلن جي واپسي تائين سنڌ دريا بچايو تحريڪ جي جدوجهد جاري رهندي. سنڌو درياهه بچايو تحريڪ جي پليٽ فارم تان 11 جنوري تي 12 وڳي پٺاڻ بائي پاس حيدرآباد کان ٽنڊي ڄام ۽ ٽنڊي الهيار، ميرپورخاص مان لنگهندي شعوري مارچ ڪيو ويندو. جتي عوامي ميڙ منعقد ڪيو ويندو، 12 جنوري تي ميرپورخاص کان عمرڪوٽ تائين شعوري مارچ ڪيو ويندو، عمرڪوٽ پهچڻ تي هزارين ماڻهن جي ريلي ڪڍي ويندي، جنهن ۾ اتحادي پارٽين، فنڪشنل ليگ، تحريڪ انصاف. جنهن ۾ انصاف، جماعت اسلامي، قومي عوامي تحريڪ، عوامي جمهوري پارٽي، جي يو آءِ جي صوبائي قيادت شرڪت ڪندي. سيد زين شاهه  وڌيڪ چيو ته حڪومت جي رٽ مڪمل طور تي تباهه ٿيندي نظر اچي رهي آهي.  نالي ماتر قتل عام ۽ دل ڏاريندڙ واقعا ماضي ۾ حڪمرانن جي غلط پرڏيهي ۽ اندروني پاليسين جو نتيجو آهن، سيد زين شاهه چيو ته صدر زرداري سميت پيپلز پارٽي جا سنڌ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر ۽ سينيٽر حڪومتي فيصلن ۾ شريڪ رهيا آهن. اسان سنڌ حڪومت جي منافقانه عمل جي مذمت ڪريون ٿا، صوبائي حڪومت غلط بياني ڪري رهي آهي، اهي 6 واهه سنڌ کي بنجر بڻائي ڇڏيندا، هن چيو ته سائين جي ايم سيد رڳو سنڌ ۽ پاڪستان جو نه پر برصغير جو وڏو حصو آهي. 17 جنوري تي سائين جي ايم سيد جو جنم ڏهاڙو شاندار نموني ملهايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.