اتر زمبابوي ۾ شينهن ۽ هاٿين سان ڀريل خطرناڪ ماتوسادونا پارڪ ۾ گم ٿيندڙ 8 ورهين جو ٻار هٿ اچي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب 8 ورهين جو ٽينو ٽينڊاپڊو گهمندي ڦرندي پنهنجي گهر کان تقريبن 23 ڪلو ميٽر پري خطرناڪ جهنگ ۾ هليو ويو هو.
مقامي پارليامينٽ ميمبر مورومبيدزي موجب اهو ٻار 5 ڏينهن تائين جبلن تي سُتو ۽ بُک لڳڻ تي هن جهنگلي ميوا کاڌا، ان دوران هي شينهن جو آواز به ٻڌندو رهيو ۽ سندس ڀرسان هاٿي به گذرندا رهيا.
واضح رهي ته ماتوسادونا پارڪ ۾ اٽڪل 40 شينهن رهن ٿا ۽ ماضي ۾ اهو آفريقا ۾ شينهن جي سڀ کان وڌيڪ آبادي رکندڙ علائقن ۾ شامل هو.
پارليامينٽ ميمبر ٻڌايو ته ٻار جهنگ ۾ جيئرو رهڻ لاءِ پنهنجي علائقي ۾ سيکاريل مهارتن جو استعمال ڪندي پنهنجي حياتي بچائي، هن بک لڳڻ تي ميوا پٽي کاڌا ۽ خشڪ ٿي ويل ڍنڍن جي سطح کوٽي پاڻي حاصل ڪندو رهيو.
مقامي ماڻهن ٻار جي ڳولا لاءِ هڪ ٽيم جوڙي هئي، جيڪا سندس واپسي لاءِ ڪوششون ڪندي رهي پر ٻار پارڪ جي محافظن کي هٿ آيو.
پنهنجي گمشدگي جي پنجين ڏينهن محافظن جي گاڏي جو اواز ٻڌي ٻار ان ڏانهن ڊُڪيو پر هو گاڏي تائين نه پهچي سگهيو، خوش قسمتي سان پارڪ جا محافظ واپس آيا ته ٻار جي پيرن جا تازا نشان هئا، انهن جو پيڇو ڪندي هو ٻار تائين پهچي ويا.
You might also like