ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا ڀرسان قيمتي ۽ ناياب نسل جي ”سليمان“ مارخور جو شڪار ڪندڙ ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.
جوابدارن وٽان شڪار ڪيل مارخور، هٿيار ۽ گاڏي به برآمد ڪئي وئي آهي.
اختيارين موجب مارخور جو شڪار پشين ضلعي جي علائقي بوستان جي حدن ۾ ڪوئيٽا ۽ پشين جي وچ ۾ جابلو علائقي تڪتو ۾ ڪيو ويو، جنهن کي سرڪاري سطح تي محفوظ قرار ڏنو ويو آهي.
اسسٽنٽ ڪمشنر موجب ليويز انٽيليجنس جي ڳجهي اطلاع تي ليويز فورس سان گڏجي بوستان انڊسٽريل زون جي ڀر واري علائقي ۾ غير قانوني شڪار خلاف ڪامياب آپريشن ڪيو ويو.
هن ٻڌايو ته ان ڪارروائي دوران ٽن شڪارين کي پڪڙيو ويو، جيڪي مارخور جو شڪار ڪري رات جي اونداهي ۾ ان کي هڪ جيپ ۾ وجهي جبل تان لهي رهيا هئا.
اسسٽنٽ ڪمشنر موجب گرفتار ڪيلن ۾ ٻه سرڪاري ملازم شامل آهن، انهن ۾ هڪ پوليس اهلڪار ۽ ٻيو واسا جو ملازم آهي، گرفتار ڪيل ٽئي جوابدار بوستان جا مقامي رهواسي آهن، سندن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
You might also like