حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد پوليس نئين سال جي موقعي تي فائرنگ ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪري 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ڀٽائي نگر پوليس قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪري هوائي فائرنگ ڪندڙ ڪامران کوسو کي گرفتار ڪري هن وٽان ڪلاشنڪوف هٿ ڪئي آهي. جوابدار خلاف 2 الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. مارڪيٽ پوليس عمران آرائين کي گرفتار ڪري هن وٽان نائين ايم ايم پسٽل هٿ ڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي. اهڙي ريت بي سيڪشن پوليس جهيڙو ۽ فائرنگ ڪري نوجوان کي زخمي ڪرڻ جي الزام هيٺ ٽن ڄڻن امان انڙ، راجا انڙ ۽ هڪ نامعلوم خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي.
سخي پير پوليس فائرنگ ڪرڻ جي الزام هيٺ محمد حسين شيخ کي گرفتار ڪري هن وٽان پسٽل هٿ ڪيو آهي. گرفتار ڪيل جوابدار خلاف ڪيس به داخل ڪيو ويو. حالي روڊ پوليس هڪ شخص امان کي فائرنگ ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪري هن وٽان 30 بور جو پسٽل هٿ ڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو.
-
حيدرآباد ۾ نئين سال جي خوشي ۾ فائرنگ،12 ڄڻا زخمي
حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ نئين سال جي آمد جي موقعي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ پاران نئين سال جي آمد جي موقعي تي قلم 144 لاڳو ڪري هوائي فائرنگ ڪرڻ ۽ ڦٽاڪا ڦاڙڻ تي پابندي لڳائي وئي هئي پر ان جي باوجود جيئن جي رات جو گهڙيال ۾ 12 وڳا ته فائرنگ ۽ ڦٽاڪا ڦاڙڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. هوائي فائرنگ جي نتيجي ۾ سڄي شهر ۾ خوف ۽ حراس واري لهر ڇانيل رهي جڏهن ته مختلف هنڌن تان ايندڙ گولين جي ڪري 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. مختلف اسپتالن ۾ جيڪي ماڻهو فائرنگ سبب زخمي ٿي علاج لاءِ پهتا انهن ۾ هيرآباد واسي 12 سالن جو عبدالهادي، لطيف آباد نمبر 2 جو رهواسي 22 سالن جو ذيشان اسحاق، سرفراز ڪالوني واسڻ 60 سالن جي گلشن بانو، سخي پير واسي 14 سالن جو سيف الله نديم، لطيف آباد نمبر 2 جي رهواسڻ 35 سالن جي مهرين، جيل روڊ جو رهواسي 17 سالن جو شاڪر، واپڊا ڪالوني واسي 14 سالن جو روحان اقبال، ٽاور مارڪيٽ جي رهواسڻ 22 سالن جي رابعا ياسر، لطيف آباد نمبر 7 جو رهواسي 24 سالن جو ارشد حسين، حالي روڊ واسي 19 سالن جو فيضان علي ۽ ٻيا شامل آهن. ڪجهه زخمين کي بروقت علاج ڪري گهر روانو ڪيو ويو جڏهن ته ڪجهه زخمي اڃا تائين اسپتالن ۾ داخل آهن جن جو علاج جاري آهي.
-
اسرائيلي ڌماڪي سبب ڊبليو ايڇ او سربراهه جي ٻڌڻ جي سگهه متاثر
صنعا(م ڊ) يمن جي راڄڌاني صنعا جي ايئرپورٽ تي اسرائيلي بمباري دوران اتي موجود صحت جي عالمي اداري جي سربراهه جي ٻڌڻ جي سگهه متاثر ٿي وئي، سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ 59 سالن جي ٽيڊروس ايڊاهانوم چيو ته زوردار ڌماڪي سبب مون پنهنجي ڪنن ۾ گوڙ محسوس ڪيو، اميد آهي ته تڪليف عارضي هوندي، جلد ٺيڪ ٿي ويندس.