ڪراچي ۾ نئين سال جي فائرنگ ۾ 29 زخمي، 30 گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ نئين سال جي موقعي تي هوائي فائرنگ سبب شهر جي مختلف علائقن ۾ ٻن عورتن سميت 29 ڄڻا زخمي ٿي پيا، لياقت آباد جي علائقن ۾ 3 ۽ گلشن چورنگي ڀرسان هڪ ڄڻو زخمي ٿيو، شاهه فيصل ڪالوني ۽ اورنگي ٽائون ۾ به عورت سميت 2 ڄڻا زخمي ٿيا، پوليس به مختلف علائقن ۾ هوائي فائرنگ ڪندڙن خلاف ڪارروايون ڪندي 30 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، واضع رهي ته ڪراچي پوليس عوام کي خبردار ڪيو هو ته نئين سال جي موقعي تي فائرنگ ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.