اسلام آباد(م ڊ)دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته مان تاريخ جو شاگرد آهيان،محمود غزنوي کي ڦورو ڪوٺڻ جو افغان حڪومت سان ڇڪتاڻ واري معاملي سان تعلق ناهي، ننڍي کنڊ جا جيڪي به حڪمران ٿي گذريا آهن اهي تنقيد کان مٿاهان ناهن،محمد بن قاسم جڏهن سنڌ تي ڪاهه ڪئي هئي ته ان وقت هن جي عمر 17 نه 27 سال هئي،نسيم حجازي عمر غلط ڄاڻائي، راجا ڏاهر جا تڏهن مقامي ماڻهن سان ڪجهه اختلاف هئا انهن دعوت ڏئي محمد بن قاسم کي سنڌ ۾ گهرايو،هن چيو ته ڀارتي ليکڪه روميلا ٿاپڙ جو سومناٿ ڪتاب مون به پڙهيو آهي، ازبڪ،تاجڪ،علاءَ الدين خلجي، رضيه سلطانه، ايبڪ، تغلق، مغل، ترڪ، خلجي هتي اچي وسي ويا،سلطان محمود غزنوي افغانستان مان 17 ڀيرا ننڍي کنڊ تي حملي آور ٿيو،هن چيو ته نسيم حجازي جي ڪتاب ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته سمنڊ مان هڪ جهاز وڃي رهيو هو ته عورتن انهن کي پڪاريو،بغداد مان حجاج بن يوسف 17 سالن جي محمد بن قاسم کي سنڌ موڪليو،بعد ۾ هو سليمان بن مالڪ جي پوري دور ۾ قيد رهيو ۽ ان دوران ئي هو(محمد بن قاسم)مري ويو،هن چيو ته مان محمود غزنوي جي مزار تي افغانستان ۾ ويو آهيان،مان ان بحث ۾ نٿو پوڻ چاهيان ته اسان 2012ع ۾ محمود غزنوي جي نالي پٺيان غزنوي ميزائل جو نالو ڇو رکيو؟ ابدالي،غوري نالن پٺيان به ميزائل رکيا ويا،منهنجو انهن نالن رکڻ تي ڪو به ڪنٽرول ناهي،جن به شخصيتن افغانستان مان ننڍي کنڊ تي حملا ڪيا انهن کي مقدس ڇو ٿا بڻايو؟ هن چيو ته تاريخ کي مختلف زاوين سان ڏٺو وڃي ٿو، مان جنهن گهر ۾ رهان ٿو ان روڊ جو نالو غزنوي روڊ رکيل آهي پر محمود غزنوي بابت مان پنهنجي راءِ تي قائم آهيان،هو ضرور افغانستان لاءِ سٺو ماڻهو هوندو پر مان ته ننڍي کنڊ جي ڳالهه ڪندس، پاڻي پت جي ويڙهه حسن ابدالي مرهٽن سان وڙهي، مرهٽا ته هتي رهجي ويا ابدالي ڦرلٽ ڪري هليا ويا،هن چيو ته ميزائل پروگرام تي آمريڪي پابندين سان ڪو به فرق نٿو پوي، فوجي عدالتن بابت ٻاهرين دنيا جي بيانن جي اهميت ناهي،اسان کي پنهنجو گهر ٺيڪ ڪرڻو پوندو،ٻاهريون ڪو به خطرو ناهي اسان ان فيصلي جي وقت کي اهميت نٿا ڏيون، فوجي عدالتن بابت آمريڪا، برطانيا، يورپي يونين جي خدشن کي ڪجهه نٿو سمجهان،اهي فلسطين معاملي تي ٻٽا معيار رکن ٿا، اهي غزا ۾ مسلمانن جي نسل ڪشي لاءِ قاتل کي بندوق ۽ بم ڏئي رهيا آهن، هن چيو ته اسان ايٽمي پروگرام دٻاءُ باوجود جاري رکيو،پنهنجي دفاع جو حق رکون ٿا،فوجي عدالتن جي فيصلن باوجود پي ٽي آءِ سان ڳالهيون جاري رهنديون،هن چيو ته اسان کي اندروني خطرا وڌيڪ آهن،اهي ختم ٿي ويا ته ٻاهرين خطرن کي منهن ڏئي سگهون ٿا،خطي ۾ اسان جا چين،ايران سان سٺا لاڳاپا آهن،بدقسمتي سان هندستان ۽ افغانستان سان ڇڪتاڻ آهي،پاڙيسرين سان سٺن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون،پنهنجو گهر ٺيڪ ڪريون ته ٻاهريون ڪو به خطرو ناهي،هن چيو ته هي صوفين جي سرزمين آهي،طالبان هٿان اسان جا ٻار،جوان شهيد ٿي رهيا آهن،آمريڪا ۽ برطانيا ڀلي ڇا سوچين،اسان پاڻ متعلق سوچيون