ڪوهاٽ (ويب ڊيسڪ) ڪرم جي معاملي تي ڪوهاٽ گرينڊ جرڳي ۾ ڌرين امن معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون.
ڪوهاٽ ۾ ڪرم ضلعي جي صورتحال تي جاري گرينڊ جرڳو ختم ٿي ويو ۽ ڌرين امن معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون.
جرڳي جي رڪن ملڪ ثواب خان تصديق ڪئي ته امن معاهدي تي صحيحون ٿي ويون آهن، ڌرين طرفان 45-45 ماڻهن صحيحون ڪيون آهن.
ڌريون 14 نڪتن تي ٻڌل معاهدي تي متفق ٿي ويون آهن، معاهدي تحت ڌرين ۾ جنگبندي جو فيصلو ٿيو آهي، ڌريون مورچا ختم ۽ هٿيار جمع ڪرائينديون.
معاهدي جا اهم نڪتا
معاهدي ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري روڊ تي ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي جي صورت ۾ علائقي واسي ڪُرم رواج ۽ قانون موجب پنهنجي بيگناهي ثابت ڪندا.
جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو يا ماڻهن ڪنهن شرپسند کي پناهه ڏني يا ترسايو ۽ مدد ڪئي ته اهڙي ماڻهو يا ماڻهن کي رواج ۽ قانون موجب ڏوهاري سمجهيو ويندو.
مري معاهدي جي روشنيءَ ۾ ڪُرم جي علائقي مان بي دخل ٿيل خاندانن کي سندن علائقن ۾ ٻيهر آباد ڪيو ويندو ۽ سندن آبادڪاري ۾ ڪا به رنڊڪ پيدا نه ڪئي ويندي.
هٿيارن جي آزاداڻي نمائش ۽ استعمال تي مڪمل پابندي هوندي ۽ هٿيار خريد ڪرڻ لاءِ چندو گڏ ڪرڻ جي اجازت نه هوندي.
ڌرين کي صوبائي ڪابينا جي فيصلي جي روشنيءَ ۾ هٿيارن بابت ٻن هفتن اندر لائحه عمل ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ڪو به ماڻهو جهيڙي کي مذهبي رنگ نه ڏيندو، فرقيواري نفرت جي بنياد تي قائم ڪالعدم تنظيمن کي ڪم ڪرڻ يا آفيس کولڻ جي اجازت نه هوندي.
سڀئي سرڪاري آفيسر، استاد، عدالتي آفيسر ۽ ٻين ادارن جا ملازم بنا ڪنهن ڊپ جي پنهنجو ڪم ڪري سگهندا، علائقي واسي پشتون روايتن موجب هڪ مهمان جي حيثيت سان سندن جو تحفظ يقيني بڻائيندا.
پوليس يا رياستي ادارن پاران ڪنهن دهشتگرديءَ ۾ ملوث شخص جي گرفتاريءَ جي صورت ۾ قبيلي جا صلاحڪار يا فرقي جا فرد ان ۾ رنڊڪ نه وجهندا.
You might also like