ڇاتيءَ جو ڪينسر هوندي ٽورنامينٽ کيڏندڙ ٽينس اسٽار!

ومبلڊن جي ويمنز ڊبلز فائنل ۾ پهچندڙ ڪينيڊين ٽينس اسٽار گيبريالا ڊابروسڪي انڪشاف ڪيو آهي ته هن ٽورنامينٽ جو 2024 جو سيزن ڇاتيءَ جي ڪينسر جو علاج ڪرائيندي کيڏيو.
ڊابروسڪي اپريل ۾ پنهنجي سڃاڻپ کي ڳجهو رکيو، پوءِ هڪ ڊگهي انسٽاگرام پوسٽ ۾ پنهنجي جدوجهد جو انڪشاف ڪيو.
ڊابروسڪي چيو ته مان ڄاڻان ٿي ته ڪيترن ئي ماڻهن کي ان سان صدمو پهچندو پر مان ٺيڪ آهيان ۽ ٺيڪ رهنديس، ڇو ته تڪڙي سڃاڻپ سان بچاءُ ٿي ويندو آهي.
2023 ۾ بهار جي مند ۾ سندس ڇاتي ۾ پهريون ڀيرو هڪ ڳوڙهي نڪتي، جنهن بابت ٻڌايو ويو ته ڳڻتي جي ڪا ڳالهه ناهي، ان کانپوءِ ڪينيڊين رانديگرياڻي 2024 ۾ اسڪين ڪرايو ته خبر پيس کيس ڪينسر آهي.
هن اپريل ۽ مئي ۾ ڪا ميچ نه کيڏي هئي پر ايندڙ مهيني ۾ واپس آئي ۽ ناٽنگهم ۾ پارٽنر ايرن روٽلف سان گڏ پنهنجو پهريون ٽائيٽل کٽيو.
ڊابروسڪي ومبلڊن ۾ مقابلو ڪرڻ لاءِ علاج ملتوي ڪري ڇڏيو، جتي هوءَ روٽلف سان رنر اپ رهي ۽ پيرس اولمپڪس ۾ به حصو ورتائين.
ڪينيڊين رانديگرياڻي گذريل سيزن جي پڄاڻي ڊبليو ٽي اي فائنلز ۾ ٽائيٽل کٽي ڪئي ۽ اها جوڙي ڊبلز ۾ دنيا ۾ ٽئين نمبر تي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.