ڏينهن رات ڪم ڪري عوام جي خدمت ڪنداسين: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته ڏينهن رات ڪم ڪري عوام جي خدمت جو واعدو پورو ڪنداسين.
نئين سال جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ مريم نواز چيو ته مان سڄي قوم کي نئين سال جي آمد تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿي، دعا آهي ته نئون سال پاڪستان جي عوام لاءِ خوشي ۽ خوشحالي آڻي، عوام جي خوشين، صحت، جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ هميشه دعاڳو آهيان.
هن چيو ته اسان نئين سال ۾ انفرادي ۽ اجتماعي طور تي نئين شروعات ۽ روشن مستقبل جي آغاز جو عزم ڪندا آهيون، عوام جي خدمت، حفاظت ۽ ترقي جي مشن کي اڳتي وڌائينداسين.
سندس چوڻ هو دعا آهي ته نئون سال وطن مان غربت، دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ ڏوهن جي خاتمي جو سال ثابت ٿئي، 2024 ۾ اسان تاريخي منصوبا آهن، جن کي اڳتي وڌنداسين.
مريم نواز چيو ته 2024 ۾ دهشتگردن خلاف جنگ ۾ شهيد ٿيندڙ هر جوان کي سلام پيش ڪيون ٿا، نئين سال جي شروعات ۾ عهد ٿا ڪيون ته ڏينهن رات ڪم ڪري عوام جي خدمت جو واعدو پورو ڪنداسين، دعا آهي ته 2025 ڪشمير ۽ فلسطين جي آزادي جو سال هجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.