لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) جي ڏهين ايڊيشن جي ڊرافٽنگ جو وينيو تبديل ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ايس ايل ڊرافٽنگ وينيو گوادر کان لاهور منتقل ڪرڻ جو امڪان آهي، جي لاجسٽڪ مسئلن سبب وينيو تبديل ڪري سگهجي ٿو.
ذريعن موجب، پاڪستان سپر ليگ جي پليئرز ڊرافٽنگ تقريب لاهور ۾ 11 جنوري تي ٿيڻ جو امڪان آهي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن پاڪستان سپر ليگ، پي ايس ايل جي ڏهين ايڊيشن جو پليئر ڊرافٽ بلوچستان جي ساحلي شهر گوادر ۾ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو.
ياد رهي ته پاڪستان سپر ليگ جا مقابلا ست اپريل کان ويهه مئي تائين شيڊيول آهن.