موني راءِ نيو ايئر پارٽي ۾ هوش وڃائي ويٺي، وڊيو وائرل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا موني راءِ نئين سال جي پارٽي کانپوءِ گهر روانگي دوران پاڻ سنڀالي نه سگهي ۽ ٿاٻڙجي ڪِري پئي.
سوشل ميڊيا تي موني راءِ جي وڊيو گذريل رات کان گردش ڪري رهي آهي، جنهن ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته اداڪارا پنهنجي سيڪيورٽي گارڊز ۽ ساٿي اداڪارا ديشا پٽاني سان گڏ موجود آهي.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ادڪارا پنهنجي گاڏي طرف وڌي رهي آهي، ان موقعي تي ميڊيا جو هجوم پڻ موجود هو.
ان دوران موني راءِ تڙ تڪڙ ۾ گاڏي ڏانهن وڌندي پاڻ سنڀالي نه سگهي ۽ ٿاٻڙجي ڪري پئي، ان وقت موجود هڪ شخص ترت کيس اُٿاريو ۽ سهارو ڏيندي گاڏيءَ ۾ ويهاريو.
سوشل ميڊيا تي موني راءِ جي اِها وڊيو تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي، جنهن تي واهپيدار اداڪارا کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن.
واهپيدارن جو چوڻ آهي ته اداڪارا نئين سال جي خوشي ۾ حد کان وڌيڪ شراب پيتو، جنهن جي ڪري هوءَ پاڻ کي سنڀالي نه سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.