مشهور اداڪارا مڙس جا افيئرز برداشت ڪرڻ بدران ٻي شادي ڪرائي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني اداڪارا سلميٰ ظفر عاصم انڪشاف ڪيو آهي ته هن پنهنجي مڙس عاصم کي ٻين ڇوڪرين سان افيئر بدران ٻي شادي ڪرڻ جي اجازت پاڻ ڏني هئي.
ويجهڙ ۾ اداڪارا سلميٰٰ ظفر عاصم هڪ پوڊڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پنهنجي ذاتي ۽پروفيشنل زندگي جا ڪيترن ئي رازن تان پردو کنيو.
پنهنجي شادي بابت اداڪارا چيو ته ”منهنجي شادي 18 سال اڳ ٿي هئي، انٽر جي امتحان جو نتيجو ۽ ايستائين جو شناختي ڪارڊ پڻ شادي کانپوءِ ٺهرايو، مڙس ۽ منهنجي عمر ۾ 5 سالن جو فرق آهي، ٻه ڌيئرون ۽ هڪ پٽ جو اولاد آهي، حقيقت ۾ سس گهر هلائڻ سيکاريو ، اڄ جيڪو ڪجهه آهيان اهو سس جي ڪري آهيان.“
اداڪارا سلميٰ ظفر موجب” جڏهن مڙس عاصم جي دوستين جا قصا مون تائين پهتا ته شروع ۾ 3 مهينا ڏاڍو ڏکيا گذريا، بک اڃ وسري وئي، پر ان کانپوءِ سهري سان ڳالهائي، مڙس جي ٻي شادي جو فيصلو ڪيو.“
هن چيو، ”مون عاصم کان چيو ته اوهان کي دوستين جي بدران نڪاح ڪرڻ گهرجي، مڙس جي شادي لاءِ ٻارن کي پڻ مون پاڻ راضي ڪيو، عاصم جي هڪ حادثي کانپوءِ مون ٻارن کي چيو ته جيڪڏهن هو پنهنجي پيءُ کي قبر ۾ ڏسڻ جي بدران پاڻ سان ڏسڻ چاهين ٿا ته کين شادي لاءِ راضي ٿيڻو پوندو.“
هن چيو ته ان کانپوءِ پٽ چيو ته جيڪڏهن مان عاصم جي شادي کانپوءِ نه روئيندس ته هو راضي آهي، جنهن کانپوءِ مڙس جي ٻي شادي ٿي وئي.“
سلميٰٰ ظفر موجب، ان کانپوءِ هن ويڳي پٽ کي به پنهنجو پٽ سمجهي پيار ڏنو، اڄ مونکي ٽن ٻارن جو چئن ٻارن جو اڳلاد آهي، ٻارن ۾ به سڳن ڀينرن ۽ ڀائرن جهڙي محبت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.