پاڪستان ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ سميت ڪيترائي سنگين ڏوهه، ڀارت جي دهشتگردي تان پردو کڄي ويو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ ڀارتي حڪومت جي سرپرستيءَ ۾ سڄي دنيا ۾ ٿيندڙ دهشتگردي تان پردو کڻي ڇڏيو.
آمريڪي اخبار دهشتگردي ۽ سنگين انساني ڏوهن ۾ ملوث ڀارتي حڪومت جي سرپرستي ۾ ٿيندڙ ڪارروائين کي وائکو ڪري ڇڏيو.
آمريڪي اخبار لکيو آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث آهي، ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ اجرتي قاتلن ذريعي پاڪستان ۾ 6 ماڻهن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪئي.
اخبار لکيو ته ڀارت آمريڪا، ڪينيڊا ۽ اولهه ملڪن ۾ به عدالتن کان مٿانهان قتل ڪرايا، ڪينيڊا ۽ آمريڪا ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ سک اڳواڻن کي قتل ڪيو، ”را“ جي آفيسر ڪاوش ياديو نيو يارڪ ۾ سک عليحدگي پسند اڳواڻ تي قاتلاڻي حملي جون هدايتون جاري ڪيون.
آمريڪي اخبار موجب ڪينيڊين اختيارين به ڀارتي دهشتگردي کي بي نقاب ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.