ڊيوڊ وارنر به پي ايس ايل جي ڏهين ايڊيشن لاءِ رجسٽرڊ

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان سپر ليگ جي ڏهين ايڊيشن لاءِ ڪرڪيٽ جي دنيا جي وڏن نالن جي رجسٽريشن جو سلسلو جاري آهي.
اڳوڻي آسٽريلوي اوپنر ڊيوڊ وارنر پهريون ڀيرو پي ايس ايل 2025 لاءِ پنهنجي دستيابي جو اعلان ڪندي پليئرز ڊرافٽ لاءِ رجسٽريشن ڪرائي ورتي آهي.
ان کانسواءِ تازو ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿيندڙ ڪيوي پيسر ٽِم سائوٿي به پاڪستان سپر ليگ لاءِ رجسٽريشن ڪرائي چڪو آهي.
پاڪستان سپر ليگ جي ڏهين ايڊيشن لاءِ آسٽريلوي وڪيٽ ڪيپر بيٽر ايلڪس ڪيري، بنگلاديشي فاسٽ بالر مستفيض الرحمان جا نالا به رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.