سڊني(ويب ڊيسڪ) آسٽريليا خلاف ميلبورن ٽيسٽ ۾ شرمناڪ شڪست کانپوءِ ڀارتي ڊريسنگ روم جو ماحول خراب ٿي ويو، هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير به رانديگرن جي ڪارڪردگي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
ميلبورن ٽيسٽ ۾ ڀارت کي آسٽريليا هٿان 184 رنسن تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو جنهن بعد ڀارتي ٽيم جو ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ پهچڻ جا امڪان گهٽجي ويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، آسٽريليا هٿان شڪست کانپوءِ ڀارتي ڊريسنگ روم ۾ ماحول سٺو نه آهي، سليڪٽرز، رانديگرن ۽ ڪوچنگ اسٽاف هڪ پيج تي نه آهن.
ميڊيا رپورٽس موجب، ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير چوٿين ٽيسٽ ۾ شڪست کانپوءِ رانديگرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سندن غير ذميوار عملن جي نشاندهي ڪئي.
رپورٽس موجب، هيڊ ڪوچ ڪنهن جو نالو وٺڻ کانسواءِ رانديگرن کي ست سريون ٻڌايون ۽ چيو ته نيچرل راند جي نالي تي رانديگر پنهنجي مرضيءَ سان کيڏي رهيا آهن ۽ کين جيڪو پلان ڏنو وڃي ٿو ان تي عمل نٿا ڪن.
گوتم گمڀير جو چوڻ آهي ته ڀارت ميلبورن ٽيسٽ ۾ ويهه اوورن دوران ست وڪيٽون وڃايون ۽ ٽيسٽ ميچ هارائي وئي، ڇهن مهينن دوران رانديگرن کي ڀرپور موقعو ڏنو ته جيئن هو ٽيم لاءِ کيڏن چاهين ٿا کيڏن پر هاڻي هو فيصلا ڪندو ته کين ٽيم لاءِ ڪيئن کيڏڻو آهي.
ڀارتي ٽيم جي هيڊ ڪوچ رانديگرن کي وارننگ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪو رانديگر حڪمت عملي موجب نه کيڏندو ته اُن کي ” ٿينڪ يو “ چيو ويندو، بيٽرز بنگلاديش خلاف سيريز کان ڪارڪردگي نه پيا ڏيکارين، نيوزيلينڊ خلاف هوم سيريز ۾ به بيٽنگ لائين ناڪام ثابت ٿي ۽ هاڻي آسٽريليا ۾ به بيٽرز ناڪام رهيا.
You might also like