3 ارب 20 ڪروڙ جي فراڊ ڪيس جي جوابدار جي سئو رپين ۾ ضمانت منظور!

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 3 ارب 20 ڪروڙ رپين جي سيلز ٽيڪس فراڊ ڪيس ۾ شريڪ جوابدار شاهد حسين خواجه جي 100 رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.
هاءِ ڪورٽ شريڪ جوابدار شاهد حسين خلاف ٽيڪس ڊپارٽمينٽ جي ڪرمنل ڪارروائي کي اختيار کان ٻاهر قرار ڏنو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار عدالتي فيصلي جي ڪاپي ايف بي آر چيئرمين کي موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته بينڪ جي برانچ مينيجر کي پاور ڪمپني جي برانچ ۾ اڪائونٽ کولڻ ۾ مدد ڏيڻ سبب گرفتار ڪيو ويو، رياست درخواست گذار جي ٽيڪس فراڊ ۾ ملوث هجڻ جو ڪو مواد پيش ناهي ڪري سگھي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته ٽيڪس ڊپارٽمينٽ قانون موجب ٽيڪس پئير تي واجب الادا ٽيڪس جو تعين ئي ناهي ڪيو، ٽيڪس ڊپارٽمينٽ درخواست گذار کي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف گرفتار ڪيو ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو پتو هئڻ باوجود ڪرمنل ڪارروائي شروع ڪئي.
عدالتي فيصلي موجب، ٽيڪس ڊپارٽمينٽ ڪرمنل ڪارروائي شروع ڪري اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي درخواست گذار جي وقار ۽ برابري جي آئيني حقن کي مجروح ڪيو ويو، وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ اختيارين ۽ ٽيڪس اختيارين قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته شرم جي ڳالهه آهي ته رمانڊ ڏيڻ وارا مجسٽريٽ ۽ ضمانت رد ڪرڻ واري عدالت سيلز ٽيڪس ايڪٽ جي شقن جو خيال نه رکيو، ماتحت عدالت بنيادي آئيني حقن جي تحفظ بدران ٽيڪس ڊپارٽمينٽ جي ورغلائيندڙ قدمن جي ساراهه ڪئي. عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته ڪرمنل ڪارروائي جي قانوني حيثيت جو سوال هن عدالت جي سامهون ناهي، اميد آهي ته ٽرائل ڪورٽ هن ڪارروائي جي قانوني حيثيت کي ذهن ۾ رکندي.
درخواست گذار جي ضمانت 100 رپين جي مچلڪن جي عيوض منظور ڪئي وڃي ٿي، ايف بي آر چيئرمين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي ڪاپي ٽيڪس آفيسرن ۾ ورهائي، پبلڪ آفيسرز کي ڏنل قانوني ۽ پوليس اختيارن جو استعمال قانون پٽاندڙ ڪيو وڃي، ڀڃڪڙي تي ايف بي آر ۽ ٽيڪس آفيسرن خلاف اختيارن جي ناجائز استعمال تي ڪارروائي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.